رضوي سيد بلال شاهه

رضوي، سيد بلال شاهه: سيد بلال شاهه رضوي، سيد محمد شريف جو پٽ ۽ ميين شاهه عنات رضويءَ جو پوٽو هو. 1075هه/ 1664ع ڌاري ڄائو. سندس وفات ميان نور محمد ڪلهوڙي جي دور ۾ ٿي. پنهنجي والد ۽ ڏاڏي جي نگرانيءَ ۾ سندس تربيت ٿي. اعليٰ درجي جو شاعر ٿي ساماڻو. ’ميين شاهه عنات جو ڪلام‘ ۾ سندس 63 بيت ۽ هڪ وائي شامل آهن. ميين شاهه عنات، سيد محمد شريف ۽ سيد بلال شاهه، هڪ ئي وقت ادبي رهاڻيون ۽ شاعري ڪئي. هڪٻئي جا شعر ٻڌا، اصلاح ڪئي ۽ شريڪ محفل ٿيا. بلال شاهه جي ٻوليءَ ۾ عام مقبول محاورن ۽ دلنشين اصطلاحن جو عڪس موجود آهي. وٽس بيان جي قوت ۽ فصاحت اعليٰ درجي جي هئي. سندس ڏاڏي ميين شاهه عنات هڪ شعر ۾ جھوڪ واري صوتحال جو بيان ڪيو آهي. اهو بيت خود هن جلد ۾ موجود آهي. جڏهن 1130هه ۾ صوفي شاهه عنايت جي شهادت ٿي، تڏهن سيد بلال رضويءَ به هڪ واقعاتي بيت چيو:
تو ونگو نوگو نائيو، ڪڇ، پارڪر، پٽ،
سڀئي سوءِ سلامي ٿئا، ڍل ڀريندو ڍٽ،
چڙهي ڪيئي چٽ، جا هئي لک لانگاهه جي.
(مقدمو: ميين شاهه عنات جو ڪلام، صفحو 68-69،
سنڌي ادبي بورڊ، ڄامشورو، 1963ع)
بلال شاهه کي سنڌ وطن سان گھڻي محبت هئي، سنڌ ۾ رونما ٿيندڙ واقعن تي سندس خاص نگاهه هئي. ابتدا ۾ قلات جي والي عبدالله خان، ڪلهوڙن کي تنگ ڪيو ۽ سندن وچ ۾ جنگ لڳي، جنهن ۾ عبدالله خان بروهي مارجي ويو ۽ ڪلهوڙن کي سوڀ حاصل ٿي. بعد ۾ نادر شاهه اچي ڪڙڪيو، ان هوندي به ميان نور محمد ڪلهوڙو حڪومت کي بچائڻ ۾ ڪامياب ٿيو، تڏهن بلال شاهه چيو:
بروهنئا بس ٿي، پئو پانو پٺاڻ،
اسان جي دعا جو، آهي ايءُ اهڃاڻ،
ميان نور محمد تي، آگو مهربان،
ان جي مشڪل سڀ آسان، برڪت ساڻ بلال چئي.
(مقدمو: ميين شاهه عنات جو ڪلام، ص: 70)
نادر شاهه سنڌ ۾ 1152 هه ۾ آيو، ان وقت سيد بلال شاهه جي عمر 65 سالن اندر هوندي، اندازي موجب هن 1160هه کان اڳ وفات ڪئي. حقيقي معني ۾ سيد بلال شاهه ۽ سيد بلال شاهه رضوي ۽ شاهه عبداللطيف ڀٽائي پاڻ ۾ همعصر هئا.


هن صفحي کي شيئر ڪريو